ديوان مائل (قلمي)

ديوان مائل (قلمي)

ديوان مائل قلمي

ديوان مائل (قلمي): هي بياض مير غلام علي ٺٽوي ’مائل‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. مير غلام علي مائل محقق، تاريخدان، شاعر ۽ عالم مير علي شير قانع ٺٽوي جو فرزند هو. ديوان ۾ غزل رديف جي مطابق الف. ب وار ترتيب ۾ رکيل آهن ۽ آخري صفحا گم هجڻ ڪري ديوان ۾ ’ي‘ جي رديف وارا غزل نه ملي سگهيا آهن. ديوان جي شروعات هيئن شعر سان ٿئي ٿي:
”اي درهم پنهان وهم از جمله هويدا
پنهان چه هويداست ظهورت همه ها“
ديوان جو آخري شعر هيئن آهي:
”با مائل حق آنکه زدل مائل حق است
يا شاهه حق مآب دل حق باب ده“
108 صفحن تي هن قلمي ديوان ۾ 232 غزل آهن. نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي ۽ سن ڪتابت ۽ ڪاتب جي خبر نٿي پوي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو